جهانگير بادشاهه جو مقبرو

جهانگير بادشاهه جو مقبرو

جهانگير بادشاهه جو مقبرو

جهانگير بادشاهه جو مقبرو: لاهور کان تقريباً ٽي ميل اتر طرف راوي درياهه جي ڪناري ڀرسان شاهدره ۾ جهانگير جو مقبرو هڪ اهم تاريخي عمارت آهي. جهانگير وصيعت ڪئي هئي ته کيس نورجهان جي ’باغ دلڪشا‘ ۾ دفن ڪيو وڃي. ان وصيعت مطابق شاهجهان مقبرو ٺهرايو، جيڪو ڏهن سالن ۾ مڪمل ٿيو. هن مقبري جون ٻاهريون ديوارون وڏيون ۽ ويڪريون آهن. وچ ۾ هڪ چبوترو ٺاهي مقبرو تعمير ٿيو، جيڪو بظاهر سادو آهي، پر ڏسڻ ۾ ڏاڍوخوبصورت آهي. ٻاهران کان مقبري جا چار ئي پاسا هڪجيترا آهن. چئني ڪنڊن تي چار وڏا منارا آهن، حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڪهڙي به مناري تي چڙهجي اُتان بادشاهي مسجد لاهور جا صرف ٽي منارا نظر اچن ٿا. چوٿون منارو هن مقبري واري مناري پٺيان لڪي وڃي ٿو. اندر پنجن ڪمرن جون قطارون آهن. مرقد وارو ڪمرو وچ ۾ آهي. هي ڪمرو رڳو هڪ پاسي کان کليل آهي، باقي ٽن پاسن کان سنگ مرمر جي نفيس ڄارين سان بند ڪيو ويو آهي. قبر وارو پورو ڪمرو سنگ مرمر جو ٺهيل آهي، قبر جي چئني پاسي الله تعاليٰ جا نالا لکيل آهن. جڏهن ته مهڙ واري پاسي کان آيتون لکيل آهن. تختي تي ”اعليٰ حضرت غفران پناهه محمد جهانگير بادشاهه 1037“ لکيل آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته قبر تي گلڪاري، عقيق، لاجورڊ سليماني، نيلم، مرجان ۽ ابرڪ وغيره جي قيمتي پٿرن سان ڪئي وئي آهي، مهاراجا رنجيت سنگهه سنگ مرمر جون نفيس ڄاريون ۽ ٻيا قيمتي پٿر لهرائي درٻار صاحب امرتسر جي سينگار ۾ استعمال ڪيا هئا. اصل مرقد تهه خاني ۾ آهي، هن مقبري تائين پهچڻ لاءِ ٻنهي پاسي رستا، وچ ۾ نهر ۽ حوض ۽ ڀرپاسي ۾ خوبصورت گل ٻوٽا آهن. مقبري لاءِ هڪ وڏي زمين رکي وئي هئي ۽ 500 حافظ مقرر هئا، جيڪي واري واري سان قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا. پاڪستان جي قديم عمارتن ۾ هن جهڙي عمارت جو مثال مشڪل سان ملي ٿو. نه رڳو اهو پر پوري ننڍي کنڊ جي عمارتن ۾ تاج محل، اڪبر ۽ اعتماد الدوله جي مقبري کان پوءِ هن جهڙو ٻيو مقبرو نظر نه ٿو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو